اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي قائم ڪيل فضائي پُل جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امار??ت مان 2 امدادي اُڏامون نور خان ايئربيس راولپنڊي پهچي ويون. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان مطابق گڏيل عرب امار??ت مان مجموعي طور تي 18 اُڏامن وسيلي خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما پاڪستان پهتا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ٻوڏ سبب پيدا ٿيل ان آزمائش جي گهڙيءَ ۾ حما??ت ۽ يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جو شڪرگذار آهي.