اسلام آباد – 13 – جون (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت ظالماڻي ۽ جابراڻي رياستي ڏاڍ سان مسلمانن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت جو اصل ”جمهوري چهرو“ دنيا جي سامهون ظاهر ٿي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت مسلمانن کي دٻائڻ جي لاءِ ظالماڻا ۽ جابراڻا رياستي ڏاڍ استعمال ڪري رهيو آ??ي ۽ ان جو مقصد مسلمانن کي س??اسي، معاشي ۽ ث??افتي لحاظ کان ديوار سان لڳائڻ آهي، هن چيو ته ڀارت جي ”جمهوري چهري“ جي حقيقت دنيا جي سامهون ظاهر ٿي وئي آهي.