اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ جو وزير چوڌري سالڪ حسين، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ فهد حسين به وزيراعظم ??ان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو به ترڪي پهچندو، دورو 31 مئي کان 2 جون 2022ع دوران وزيراعظم شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان ??ان نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهين جو انعقاد ٿيندو، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئ?? اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ٻئ?? اڳواڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا ??ان گڏيل خطاب به ڪندا، صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو. هلندڙ سال پ??ڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي، دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان به جاري ڪندا جيڪو ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ غير معمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت ??ان تيار ڪيو ويو آهي، ترڪي جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ صحت وارا وزير به دوري دوران وزيراعظم ??ان ملاقات ڪندا، وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن ??ان به تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪي جي ڪاروباري براد??ي جا نمائندا يونين آف چيمبرز ڪموڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو، وزيراعظم ترڪي بزنس ڪائونسل فورم ۾ به شرڪت ڪندو، جنهن جو اهتمام ترڪي جي پرڏيهي معاشي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي سهڪار ??ان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم انهن تقريبن جي دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ و??پاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون به ٿينديون.