اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اعليٰ عدليه کي بلاول جي فلور آف دي هائوس تي ان بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي جن??ن ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهي ع??الت مان عمران خان کي نااهل ڪرائي سگهياسين پئي. فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسيمبلي جي فلور تي بلاول زرداري اها ڌمڪي ڏني آهي. فرخ حبيب بلاول کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ڪهڙي حيثيت سان عدالتن کي تڪراري بڻائي رهيا آهيو؟ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته ان تي ع??الت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.