اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، مسلسل ٻيون ڀيرو او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي آهي، او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي سميت مسلمان امت کي درپيش ??ئل??نجز غور هيٺ ايندا، اسلامو فوبيا جي معاملي ت?? وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي. او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻين عملدارن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو، سمورا انتظام اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته او آءِ سي سيڪريٽريٽ جا ڪيترائي عملدار اچي چڪا آهن جڏهن ته آچر جي صبح مصر جو پرڏيه?? وزير پڻ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي چڪو آهي ۽ ان سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي، ا?? سومر کان ٻين ملڪن جي پرڏيه?? وزيرن جي آمد متوقع آهي، او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، ماڻهن جي تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ پوري قوم جون نظرون ان تي لڳل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ ٻئي پٺيان او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي، اجلاس جي تفصيلي ايجنڊا آهي ۽ امت کي درپيش ??ئل??نجز غور هيٺ ايندا جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان قراردادن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ڪجهه ڪم باقي آهي، اميد آهي ته مهمان نه رڳو انهن معاملن تي پنهنجو ڪردا?? ادا ڪندا پر مطمئن ٿي واپس ويندا. پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر آهي ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي، هن اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪستان کان جيڪو ٿي سگهيو پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته هلندڙ سال هن اجلاس جي اهميت اسان جي لاءِ ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته هي پاڪستان جو 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جو سال آهي، جيترا پرڏيه?? وزير اچي رهيا آهن، اهي 23 مارچ تي نيشنل ڊي پريڊ ۾ پڻ شرڪت ڪندا ۽ پوري قوم وڏي گرم جوشي سان انهن جو استقبال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامو فوبيا جي معاملي ت?? وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي، هن سڀ کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آخرڪار گڏيل قومن اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ڪئي، هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو، مسلمان امت جي دل آزاري جي تدارڪ جي لاءِ هي وڏو قدم آهي.