اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينير صحافي غلام اڪبر جي لاڏاڻ?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل صحافت جي سفر ۾ غلام اڪبر اعليٰ صحافتي قدرن ??ي وڌايو. هن چيو ته غلام اڪبر جي سياسي بصيرت ۽ قلم جي ذريع?? انصاف جي لاءِ جدوجهد سندس صحافت جو خاصو رهيو. وزيراعظم چيو ته غلام اڪبر جي صحافت لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان جي لاءِ دعاڳو آهي.