اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان ??يو آهي ته اسان کي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برآمد ڪندڙن کي قومي سول ايوارڊز ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ برآمدي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سامون??ي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم ??يو ته اسان کي هڪ ماحولياتي نظام ۽ هڪ اهڙو ڪلچر تيار ڪرڻو آهي جيڪو روانگي واپار کي وڌائي سگهي ۽ آمدني واپار تي اسان جو دارومدار گهٽ ڪري سگهي. هن ??يو ته اسان کي اهڙن روانگي واپار ڪندرن جي ضرورت آهي جن کي روانگي واپار آ۾ اضافي ڪرڻ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي قومي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. و??ير??عظم واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ڪندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن روانگي واپار ۾ پائيدار اضافي جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. و??ير??عظم سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ٺوس پاليسين ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ و??ير??عظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود و??ير??عظم کي آگاهه ڪيو ته هن سال هن 10 سالن جي جمود کانپوءِ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. هن ??يو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدي هدف ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن.