اسلام آباد ??? 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ سال ??اڪ??تان جي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي ل??ءِ 22 نيشنل ايوارڊز ڏنا ويندا، فلم، ميوزڪ ۽ ٽي وي نيشنل ايوارڊز جي ذريعي اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ڏني ويندي، نيشنل ايوارڊز جي ذريعي فلم، ڊرامي ۽ موسيقي کي فروغ ڏنو ويندو، تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي صنعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن، ظهيرالدين بابر تي ازبڪستان سان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ايران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آهيون، ملٽي ملين ڊالرز جون اهي فلمون عالمي معيار جون هونديون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، ??اڪ??تان ٽيليويزن ۽ ??اڪ??تان آرٽس ڪائونسل جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ پريس اڪنفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ ??اڪ??تان جو بيانيو پيش ڪرڻ جي ذريعن کي ڪمزور ڪيو ويو، فلم، ڊرامي ۽ موسيقي جا شعبا ڌيان نه ڏيڻ جو شڪار رهيا، 60ع جي ڏهاڪي ۾ اسان دنيا جا ٽئين نمبر تي وڏا فلم ميڪا هئاسين جڏهن ته سئنيما گهرن جي ل??اظ کان به ??اڪ??تان دنيا ۾ ٽئين يا چوٿين نمبر تي هو. ??ن چيو ته ايندڙ سال فلم، ميوزڪ ۽ ٽيليويزن ايوارڊ ذريعي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي ل??ءِ 22 ايوارڊز ڏنا ويندا، اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم انهن ايوارڊز جي ذريعي موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ڏني ويندي. ??ن چيو ته نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي صنعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن. ??ن چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي ل??ءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا ويا آهن، اڪثر ٽيليويزن چينل غيرملڪي ڊراما درآمد ڪن ٿا، ان سان مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ڊراما بري طرح متاثر ٿين ٿا. ??ن چيو ته اشتهارن ۾ غيرملڪي اداڪارن کي ٽيليڪاسٽ ڪرڻ سان اسان جي پنهنجي اداڪارن جو روزگار متاثر ٿئي ٿو. وڏيون ڪمپنيون مقامي اداڪارن ۽ ماڊلز کي نظرانداز ڪري ٻاهرئين ملڪ مان ماڊلز ۽ ايڪٽرز کي آڻين ٿيون، اهڙن اشتهارن تي به ٽيڪس لڳايا پيا وڃن ته جيئن اهڙي قسم جي قدمن جي حوصلا شڪني ٿي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ??اڪ??تان ۾ خوبصورت جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي ل??ءِ اين او سي جي طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي اندر فلمز ڊويزن ٺاهي پئي وڃي، ٻه وڏيون فلمون آخري مرحلن ۾ آهن، ظهيرالدين بابر تي ازبڪستان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ايران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آهيون، اهي ٻئي فلمون ملٽي ملين ڊالرز جون هونديون، انهن جي پراڊڪشن ۽ ڪاسٽ انٽرنيشنل معيار جي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيپو سلطان تي فلم پرائيويٽ ڪمپني سان گڏجي ٺاهي پئي وڃي، پي ٽي وي فلمز تي نوجوان فلم ميڪرز کي موقعا ڏنا ويندا. ??ن چيو ته نوجوان فلم ميڪرز اڳتي اچن، اسان سان گڏجي فلم پروڊيوس ڪن، اسان انهن کي مارڪيٽنگ جي سهولتن سميت هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم انڊسٽري جي بحالي جي ل??ءِ اسان هر ممڪن قدم کڻنداسين، سئنيما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي آهي. هڪ سئنيما اسڪرين سان 23 خاندانن کي روزگار ملي ٿو، اين سي او سي سان گڏجي سئنيما گهرن کي کولڻ جي ل??ءِ قدم کنيا، نان انڊين پنجابي فلمن جي اجازت ڏني. ??ن چيو ته تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان تفريحي چينلز کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ??اڪ??تان جي اسٽوري پيش ڪرڻ جي ل??ءِ پنهنجي ميڊيمز کي مضبوط بڻايون. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل ??اڪ??تان جي صدر احمد شاهه چيو ته ??اڪ??تان جي آثقافت ۽ علائقائي زبانن کي فروغ ڏنو ويندو، ايندڙ سال 11، 12 ۽ 13 مارچ تي 15 هين عالمي اردو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن ۾ سڄي ??اڪ??تان مان ماڻهو شرڪت جي ل??ءِ ايندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، ??اڪ??تان ٽيليويزن ۽ آرٽس ڪائونسل آف ??اڪ??تان جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي ل??ءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر احمد شاهه ۽ پي ٽي وي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر منظور پڻ موجود هئا.