اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ??مشنر موهن ويجي وڪرما سان ملاقات ڪئي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ??مشنر کي سيالڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران ک??يل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن ک?? گرفتار ??يو ويو آهي. ان موقعي تي سريلنڪا جي هاءِ ??مشنر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سيالڪوٽ واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر نه پوندا.