اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايا آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پارٽي فنڊنگ جي نالي تي پئسا ورتا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ??ڄي رهيون آهن، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جلد کان جلد فيصلو ٿ??ي ته حقيقتون قوم جي سامهون اچن. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان ??انپوءِ تحريڪ انصاف جي پوزيشن واضح آهي، تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران ??هريل سمورا دستاوي?? پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪا به مافيا نه آهي، تحريڪ انصاف ورڪرن ۽ ميمبرن کان ??ندو وٺي پارٽي معاملا هلائڻ جو ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پئسا ورتا، مافيا انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ لاءِ فنڊنگ ڪندي آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آهن.