اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پ??وگ??ام سماجي صحت جي تحفظ جو هڪ عالمگير فليگ شپ پ??وگ??ام آهي، جنهن وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولتن جي فراهي يقيني بڻائي ويندي آهي. اهو پ??وگ??ام انڊور پيشنٽ جي سارسنڀال ۽ علاج لاءِ آهي تنهن هوندي به مستقبل ۾ ان جو دائرو آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌايو ويندو. مستحقين جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام ذريعي ڪئي ويندي آهي جنهن جي نادرا تصديق ڪندو آهي، سرڪاري ذريعن موجب قومي خوشحالي سروي جي ذريعي غربت بابت ڊيٽابيس کي شامل ڪيو ويندو، 2016ع کان 2018ع جي دوران ان پ??وگ??ام جي پهرين مرحلي جو آغاز ڪيو ويو جنهن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان آهن. ان پ??وگ??ام تحت گهٽ خرچ وارين ب??ما??ين جي لاءِ ساليانو 50 هزار جڏهن ته 2 لک 50 هزار روپيا هر ان خاندان کي فراهم ڪيا پيا وڃن جن ۾ 7 ترجيحي ب??ما??ين مان ڪنهن هڪ جي نشاندهي ٿيندي، ان عرصي دوران اهو پ??وگ??ام سڄي ملڪ جي 38 ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو جنهن ۾ 32 لک خاندانن کي پهچ ڏني وئي آهي. 2019ع ۾ ان پ??وگ??ام جي ٻئي مرحلي جو آغاز ڪيو ويو، ان پ??وگ??ام تحت اهڙيون ب??ما??يون جنهن جا گهٽ خرچ آهن في خاندان 60 هزار روپيا جڏهن ته اهڙين ب??ما??ين جنهن جا خرچا وڌيڪ ايندا هجن انهن تي في خاندان 3 لک روپيا ڏنا ويا ۽ ان جو دائرو 92 لک خاندانن تائين وڌايو ويو، اهو پ??وگ??ام آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت گلگت بلتستان، پنجاب، ٿرپارڪر ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺئتي پيل ضلعن جي ضرورتمند خاندانن کي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، قومي صحت ڪارڊ جي پ??وگ??ام ۾ مريضن جا آپريشن، دل جي مريضن کي اسٽنٽس وجهڻ، ڪينسر جي مريضن جي علاج، نيورو سرجيڪل پروسيجر، باهه سبب سڙيل مريضن جو علاج، حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهو، گردي جي مريضن جي لاءِ ڊائيلاسز، ا??ته??ئي نگهداشت جي سهولت ۽ ٻي ضروري طبي امدادي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته عورتن جي لاءِ ميٽرنٽي پيڪيج فراهم ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي دوران وفاقي حڪومت ڪوشان آهي ته ان پ??وگ??ام جو دائري ڪار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 12 لک خاندانن تائين وڌايو وڃي، وزيراعظم جي قومي هيلٿ سروسز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وزيراعظم عالمگير هيلٿ ڪوريج ويزن تحت نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت ص??بن ۽ علائقن جي سهڪار سان صحت سهولت پ??وگ??ام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. مريضن جي اطمينان جي جائزي مان ظاهر ٿيو آهي ته 97.5 سيڪڙو اطمينان بخش شرح سامهون آئي آهي، موجوده حڪومت صحت پ??وگ??ام جي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏئي ڇڏي آهي. نادرا سان رجسٽرڊ معذور ماڻهن جي لاءِ به اها سهولت دستياب هوندي، پ??وگ??ام جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي منشور تحت سمورن شهرين کي معياري سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ صحت سهولت پ??وگ??ام تحت صحت انصاف ڪارڊ پ??وگ??ام کي سگهه ڏيندي، ان پ??وگ??ام تحت غريب خاندانن کي انڊور هيلٿ ڪيئر سروسز جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته مريضن جي علاج کانپوءِ کين گهرن ۾ منتقلي جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.