اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته گالف جي فروغ سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ بهتر نمائندگي جي لاءِ گالفرز جي حوصلا افزائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن 47 هين پاڪستان اوپن گالف چيم??ئن شپ جي انعام ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان ج?? حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته آئون پاڻ به گالف جو شوق رکان ٿو، اها هڪ انتهائي دلچسپ راند آهي. هن چيم??ئن شپ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته راند ۾ کٽڻ جي جستجو ٽيلنٽ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثا??ت ٿئي ٿي. هن چيو ته بي پناهه جوش ۽ جذبي جي ڪري پاڪستان ماضي ۾ سهولتن ۽ وسيلن جي کوٽ جي باوجود ورلڊ ڪلاس هاڪي ۽ اسڪوائش جا رانديگر تيار ڪيا.