اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن ک?? هنر جي فراه??ي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ک?? پاڻڀرو ملڪ ۽ مستقبل جي عالمي قوت بڻائڻ جي خواهشمند آهي. هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ آءِ سي ٽي جي شعبي بابت قومي سيمينار جي آخري سيشن جي صدارت ڪري رهيو هو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو پريزيڊنٽ ليفٽينٽ جنرل محمد سعيد پڻ سيمين??ر ۾ موجود هئا. سيمين??ر ۾ قومي ۽ عالمي آءِ سي ??ي ماهرن، صنعتي شعبن جي نمائندن ۽ سينيئر فوجي ۽ سول آفيسرن شرڪت ڪئي.