اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو آهي ته محرم الحرام جو مهينو اسان جي دين جي بزر??ن طرفان اسلام جي خاطر ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو، محرم الحرام اسان کي ??نه??جي اسلاف جي قربانين، صبر ۽ برداشت، استقامت ۽ همت، حق چوڻ ۽ اعليٰ انساني قدرن جي بقاءُ لاءِ هر قوت جي سامهون ڄمي وڃڻ جو ابدي پيغام ڏي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن محرم الحرام جي حوالي سان ??نه??جي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اسلامي ڪيلينڊر جي سال 1442 هه جو آغاز ٿي چڪو آهي، ان بابرڪت موقعي تي آئون پاڪستاني قوم ۽ اهل اسلام جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو ۽ خدا پاڪ جي حضور دعا ڪريان ٿو ته ا??و هجري سال اسان سڀني جي لاءِ باعث رحمت ۽ برڪت هجي. آمين.