اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات و??ري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پرچيءَ جو ثبوت کڻي سياست شروع ڪندڙ ??لا??ل زرد??ري پنهنجي تاريخ کان به واقف نه آهي، قوم ڄاڻي ٿي ته ڪير ڪنهن کي ڊيڊي چوندو هو، اسان کان ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو حساب وٺندڙ سنڌ ۾ پنهنجي ٽن نسلن جي اقتدار جو حساب ڏين، سنڌ مان ڪڻڪ چوري، گهپلن ۽ جعلي اڪائونٽس جا آواز اچي رهيا آهن ۽ نيب جاچ ڪري رهي آهي، توهان کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو، صحيح معنيٰ ۾ احتساب ٿئي ته ??لا??ل زرد??ري جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڏنل تعليمي فيس پڻ واپس ڏيڻي پوندي، اسان جي ح??ومت جي 2 سالن دوران مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جو هڪ ڪيس به سامهون ناهي آيو، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل جيلاني جي سرپرستي ۾ سياسي پرورش ڪندڙ به پاڻ کي جمهوريت پسند چون ٿا، جيڪي مزاحيه اداڪار ۽ ڪرڪيٽر بڻجڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ته سياستدان بڻجي ويا، مخالف ڌر کي عمران خان جي ڪشميرين ۽ اسلامي دنيا جو سفير بڻجڻ جو ڏک آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي 22 سالن جي جدوج??د جي ساٿين ۽ قوم کي تاريخي ڏينهن تي مبارڪباد ??يش ڪريان ٿو، قوم عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اعلان ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ته جيئن ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ??لا??ل ڀٽو زرد??ري جي پريس ڪانفرنس ۽ مخالف ڌر جي بيانن جي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مواصلات و??ري وفاقي وزير چيو ته 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي تاريخي ڏينهن تي ڪارڪنن ۽ 22 سالن جي جدوج??د جي ساٿين ۽ وزيراعظم عمران خان جي چاهيندڙن کي مبارڪباد ??يش ڪريان ٿو جن ٻه سال اڳ اڄ جي ڏينهن اسان جي خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ فرسوده نظام جي خلاف 22 سالن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ عوام مقبول ترين ليڊر عمران خان کي وزيراعظم چونڊيو. هن چيو ته ??لا??ل زرد??ري اڄ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.