اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪريون هاته 71 مل??ن وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هل??ا وڃن ها، ڪورونا جي وبا اسان کان گهُر ڪري ٿي ته اسان ڪنهن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪستان ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪارڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪيو آهي ته پارليا??ين?? کي اڳتي وڌندي ??نهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليا??ين?? جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان جو احترام ڪندي اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا تي طلب ڪيو ته جيئن ميمبر پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.