اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي ??ي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪ ڦا??ل پاڪستانين جي وطن واپسي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، جڏهن ته مملڪتي وز??ر شهريار خان آفريدي ٻڌايو آهي ته 1097 تبليغي ۽ زائرين کي گذريل پنج ڏينهن ۾ وطن واپس آندو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ پارلياماني ڪمي??ي زائرين، تبليغي جماعت ۽ ٻاهرين ملڪ ڦا??ل پاڪستانين جي فوري وطن واپسي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ڦا??ل پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي