اسلام آباد – 07 ف??بروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، زندهه قومون معاشي مفادن تي اخلاقي روايتن کي ترجيح ڏين ٿيون، ايراني قوم مشڪل حالتن ۾ به نظرين تي ٺاهه نه ٿي ڪري، ايراني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ايراني سئنيما کان پاڪستاني قوم کي روشناس ڪرائينداسين، اي??ان ۽ پاڪستان جي گڏيل تعاون سان فلمون ٺاهيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اين سي اي ۾ ايراني فلم جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.