ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪ?? ۽ ??يران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بد??ان وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن، ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي سي اين بي سي جي هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪ?? ۽ ??يران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، يقين ڪريو ته ايران جو تڪرار افغانستان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، وزيراعظم آمريڪا جي طرفان ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ڏيندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود افغانستان جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو ۽ ڌريون ڳالهين جاري ??کڻ ۽ فائربندي لاءِ ڪوششون ڪري ??هيون آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ ب?? ماڻهو مري ??هيا آهن، هڪ ک??ب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن ته ڇا آمريڪا وڌيڪ ڪنهن ٽڪر جي سٽ سهي سگهي ٿو.