اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ۾ نويڪلائي ۾ م??اقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطر??ن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سمورن شعبن خاص طور تي معيشت، واپار، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاعي صنعت ۽ تعليم ۽ ثقافت ۾ گڏيل تعاون کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ م??اقات ۾ وزيراعظم عم??ان خان بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جا بوسنيا هرزيگووينا سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن.