اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي شعبن ۾ گڏ??ل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ متنوع ثقافتي ورثو موجود آهي جنهن جي ڪيوبا جي عوام سان مٽاسٽا ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيرو گونزيلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي جنهن اطلاعات و??ري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته جوائنٽ پروڊڪشنز جي شعبن ۾ تعاون سان اسان کي هڪ ٻئي جي قدرن ۽ معاشرتي اصولن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن ميڊيا، اطلاعات ۽ ڪميونيڪشن جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ڪيوبا جي سفير کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ Latin Press of Cuba جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏ??ل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي ??جي??ن ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ م ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ڪيوبا جي سفير ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان اطلاعات و??ري وفاقي وزير جي تجويز کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف گڏ??ل قدرن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ جعلي خبرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.