اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي گ??رنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان کي سنڌ ۾ بدانتظامي ??اص طور تي امن امان ۽ وڌندڙ ڏوهن تي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم گهرو وزير کي سنڌ جو دورو ڪرڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي صورتحال تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گ??رنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.