اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جيڪڏهن ??ا وزارت پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهي ٿي ته اها سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي واري وزارت آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هو وزيراعظم جو ٿورائتو آهي جنهن سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي واري وزارت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ انفارميشن ٽيڪن??لا??ي واري وزارت کي سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي واري وارت ۾ ضم ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان پاڪستان کي علم جي معيشت جي هڪ م??ڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته آئون پنهنجي ٽيم جو به ٿورائتو آهيان جنهن بهترين طريقي سان ڪم ڪيو.