اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي لاءِ ماليات?? شموليت کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ انهن جو ڪردار وڌائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. هو ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي ماليات?? شموليت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.